تازه ترين

معاشي بهتري جا اثر عام ماڻهو تائين پهچي رهيا آهن، اميد آهي ته هلندڙ سال ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويندو: راڻا ثناءُ الله

وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته معاشي بهتري جا اثر عام ماڻهو تائين پهچي رهيا آهن، اميد آهي ته هلندڙ سال ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويندو.

فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هو عيد جي موقعي تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.

هن چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، قوم دعا ڪري ته ملڪ کي هاڻي ڪو حادثو پيش نه اچي، پارليامينٽ 30 جون کان اڳ بجيٽ پاس ڪري، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، ميان صاحب جي سربراهي ۾ وفاقي حڪومت شهباز شريف پاڪستان کي معاشي ڏکيائين مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته 18-2017ع ۾ ٿيندڙ سازشن سبب پاڪستان کي تمام گھڻو نقصان پهتو، هن سال وڏي محنت ۽ جدوجهد سان آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪيا ويا جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي تي ڪو به اثر نه پيو.

هن چيو ته اميد آهي ته هلندڙ سال جي مالياتي بجيٽ سان ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويندو، جڏهن نئين بجيٽ ايندي ته اهي مسئلا به حل ٿي ويندا ۽ معاشي استحڪام به اچي ويندو مريم نواز جي قيادت ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته عام ماڻهو جي روزاني ضرورتن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، اٽي، ماني سميت ٻين بنيادي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واضح بهتري آئي آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ بهتري آئي آهي .

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ميان نواز شريف عيد کانپوءِ پارٽي جون تنظيمي سرگرميون شروع ڪندو، ميان نواز شريف جي قيادت ۾ پارٽي لاءِ تنظيمي قدم کنيا ويندا جڏهن ته ن ليگ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو وقت هڪ سازش هئي.

هن چيو ته ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم معيشت جي بهتري لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، آءِ ايم ايف جون شرطون نرم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام آهي ۽ مستقبل ۾ به ان مان نجات حاصل ڪنداسين .

راڻا ثناءُ الله چيو ته پيپلزپارٽي جا اعتراض 100 سيڪڙو آهن، ائين ناهي ته بجيٽ ۾ پيپلز پارٽي سان صلاح مشورا نه ڪيا ويا، بجيٽ حتمي انگ ناهي، ان تي هاڻي بحث ۽ تجويزون اينديون، بجيٽ تي بحث دوران پيپلز پارٽي جي خدشن تي غور ڪيو ويندو……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون