- Advertisement -
معاشي ريٽنگ جي عالمي اداري بلوم برگ پاڪستان کي ٻئي اڀرندڙ معيشيت قرار ڏئي ڇڏيو، بلوم برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن ڏيوالي ٿيڻ جي خدشن ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ٿي آهي.
بلوم برگ جي تازن انگن اکرن موجب، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جن ڏيوالي ٿيڻ جي خدشن ۾ سڀ کان گهٽتائي ڏيکاري.
بلوم برگ جي تازن انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪارڪردگي دنيا جي اڀرندڙ معيشيتن ۾ ٻئي نمبر تي رهي ۽ رڳو ترڪيه پاڪستان کان اڳتي آهي.
رپورٽ موجب، جون 2024ع کان سيپٽمبر 2025ع تائين ۾ پاڪستان جي ڏيوالي ٿيڻ جي خدشن ۾ 22 سئو پوائنٽس جي نمايان بهتري آئي، اهو پاڪستان جي جٽادار معاشي بهتري جو ثبوت آهي.
بلوم برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ابتڙ ڏکڻ آفريڪا، ايل سلواڊور ۽ ٻين ملڪن ۾ بهتري تمام گهٽ رهي، جڏهن ته مصر، نائجيريا ۽ ارجنٽائئن جهڙن ملڪن ۾ خطرا وڌي ويا آهن،
بلوم برگ موجب، حڪومت جي مضبوط پاليسين نه رڳو مهانگائي تي ضابطو آندو آهي پر وقت تي ادائگي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل معيشيت کي مضبوط ڪيو آهي، پاڪستان عالمي سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ۽ پرڪشش ملڪ بڻجي چڪو آهي.- Advertisement -
