تازه ترين

معاشي ريٽنگ جي عالمي اداري بلوم برگ پاڪستان کي ٻئي اڀرندڙ معيشيت قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
معاشي ريٽنگ جي عالمي اداري بلوم برگ پاڪستان کي ٻئي اڀرندڙ معيشيت قرار ڏئي ڇڏيو، بلوم برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن ڏيوالي ٿيڻ جي خدشن ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ٿي آهي. بلوم برگ جي تازن انگن اکرن موجب، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جن ڏيوالي ٿيڻ جي خدشن ۾ سڀ کان گهٽتائي ڏيکاري. بلوم برگ جي تازن انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪارڪردگي دنيا جي اڀرندڙ معيشيتن ۾ ٻئي نمبر تي رهي ۽ رڳو ترڪيه پاڪستان کان اڳتي آهي. رپورٽ موجب، جون 2024ع کان سيپٽمبر 2025ع تائين ۾ پاڪستان جي ڏيوالي ٿيڻ جي خدشن ۾ 22 سئو پوائنٽس جي نمايان بهتري آئي، اهو پاڪستان جي جٽادار معاشي بهتري جو ثبوت آهي. بلوم برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ابتڙ ڏکڻ آفريڪا، ايل سلواڊور ۽ ٻين ملڪن ۾ بهتري تمام گهٽ رهي، جڏهن ته مصر، نائجيريا ۽ ارجنٽائئن جهڙن ملڪن ۾ خطرا وڌي ويا آهن، بلوم برگ موجب، حڪومت جي مضبوط پاليسين نه رڳو مهانگائي تي ضابطو آندو آهي پر وقت تي ادائگي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل معيشيت کي مضبوط ڪيو آهي، پاڪستان عالمي سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ۽ پرڪشش ملڪ بڻجي چڪو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون