تازه ترين

معاشي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي وعدا  پورا ڪيا ويندا: انوارالحق ڪاڪڙ

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي وعدا  پورا ڪيا ويندا، رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ اهي، قانون تي جي حڪمرانيءَ تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.

نگران  وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، هو قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا.

هن چيوته سندس ٽيم تجربي ڪار ۽ بهترين آهي، جنهن تي کيس فخر آهي، يقين آهي ته الله پاڪ کين سرخرو ڪندو، سمورن وزيرن مان اميد آهي ته اهي پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني ادا ڪندا.

نگران وزيراعظم چيو ته رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ اهي، قانون تي جي حڪمرانيءَ تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ بهترين قدم کنيا ويندا.

نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ماحول ورهايل آهي، کين سياست ۽ قانون ۾ فرق ڪرڻو پوندو، انارڪي ٿي ته سيڪيولر ۽ مذهبي نظام نه هلي سگهندو، پاڪستان سمورن مذهبن ۽ نسلن جو ملڪ آهي، حق نالي تي نه پر ڪردار ۽ رويي تي ڏنا ويندا.

انوار الحق ڪاڪڙ 9 مئي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ بعد پيش آيل واقعن تي مايوسيءَ جو به اظهار ڪيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون