تازه ترين

نئين قرض پروگرام ۽ بجيٽ بابت آءِ ايم ايف ۽ ناڻي واري وزارت جي اختيارين ۾ تعارفي اجلاس ۾ اهم اڳڀرائي

نئين قرض پروگرام ۽ بجيٽ بابت آءِ ايم ايف ۽ ناڻي واري وزارت جي اختيارين ۾ تعارفي اجلاس ۾ اهم اڳڀرائي، معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف مشن ۾ ملڪي معيشيت جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ناڻي واري وزارت ۾ آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستاني عملدارن وچ ۾ تعارفي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان طرفان ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين ۾ ايندڙ وفاقي بجيٽ جا اهم هدف طئي ڪيا ويا، جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت ايندڙ مالي سال دوران اسٽيٽ بئنڪ کان قرض نه وٺندي.

ذريعن موجب، ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پرڏيهي ادائگيون بنا دير ۽ وقت تي ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته ايف بي آر بروقت ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪرڻ جي پابند هوندي جڏهن ته ناڻي جا ذخيرا بهتر بڻائڻ ۽ ادائيگين لاءِ انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ بانڊز جاري ڪيا ويندا.

ذريعن موجب، شيون ٻاهر اماڻڻ تي پابندي نه هوندي ۽ انٽرنيشنل ٽرانزيڪشن لاءِ به پابندي لاڳو نه ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ، ناڻي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت جي معلومات آءِ ايم ايف کي اماڻي ويندي، آءِ ايم ايف، ايف بي آر، شماريات بيورو ۽ مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ جي ڄاڻ وٺندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين جاري رهنديون، پاڪستان، آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالرز کان وڌيڪ جو بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ پراميد آهي……

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
33 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
26 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون