تازه ترين

معدني وسيلن کي ملڪي ترقي لاءِ وڪرو ڪيو ويندو : مصدق ملڪ

ممڪلتي وزير مصدق چيو آهي ته معدني وسيلن کي ملڪي ترقي لاءِ وڪرو ڪيو ويندو، معدنيات لاءِ گوادر ۾ صنعتي زون قائم ڪيو ويندو، نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي، ماڻهن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ۾ معدنياتي مٽيءَ جي قيمت 6 ڏهائي هڪ ٽريلين ڊالر آهي، پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي.

سندس چوڻ هو ته معدنيات جي مائننگ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب عوام کي ٿيندو، معدنيات جي انقلاب سان ملڪ ۾ روزگار جي بيشمار موقعا پيدا ٿيندا.

مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته گوادر ۾ صنعتي زون قائم ڪيو ويندو، معدنياتي انقلاب سان ملڪي شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ اضافو ٿيندو، معدنياتي انقلاب جا 3 مقصد آهن.

هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات بابت انڊسٽري لڳائي ويندي، ڪچي معدنيات مان ڌاتن کي ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، معدنيات جي کوٽائي بابت نئي قانون سازي ڪئي ويندي.

مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته انساني ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ واضح رٿابندي ٿيندي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ ڀيلڪار چيو ويندو، سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن عمل ۾ آندو ويندو، سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون