تازه ترين

معيشيت جي مضبوطي لاءِ پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي، ٿوري عرصي ۾ ڊجيٽل دهشتگردي وڌي وئي آهي : احسن اقبال

- Advertisement -
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته معيشيت جي مضبوطي لاءِ پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي، ٿوري عرصي ۾ ڊجيٽل دهشتگردي وڌي وئي آهي، ڊجيٽل دهشتگرد سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن جي ذهنت خراب ڪري رهيا آهن، فيڪ نيوز معاشري ۾ نفرت پکيڙڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اسلام نفرت ۽ جهيڙي فساد کان منع ڪيو آهي، عالم سڳورن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مذمت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته عالم سڳورن جو پيغام آهي ته پاڪستان جو دهشتگردي خلاف مضبوط موقف آهي، ماڻهن ۾ رنگ، نسل ۽ ٻولي جو فرق معاشرتي ثقافت جي بنياد تي هئڻ گهرجي. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته فيڪ نيوز معاشري ۾ نفرت پکيڙڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن، دهشتگردي جو ڪنهن مذهب يا فرقي سان ڪوبه تعلق ناهي. هن چيو ته ٿوري عرصي ۾ ڊجيٽل دهشتگردي وڌي وئي آهي، ڊجيٽل دهشتگرد سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن جي ذهنت خراب ڪري رهيا آهن. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته دهشتگردي معاشري لاءِ ناسور آهي، تعليم يافته معاشرو ئي ترقي جون منزلون طئي ڪندو آهي، معيشيت جي مضبوطي لاءِ پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون