سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر فارنزڪ ڊويزن جي سافٽ ويئر جي غير فعال هئڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته فارنزڪ سافٽ ويئر جي غير فعال هئڻ سان واقعي واري هنڌ تان هٿ آيل گولين جي خول جي جاچ ڪيئن ٿيندي؟، ٻڌايو وڃي فانزڪ مشين جي سافٽ ويئر کي اپڊيٽ ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي، آءِ جي سنڌ معاملي جي تفصيلي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪري، جنهن به آفيسر جي ناهلي آهي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر فارنزڪ ڊويزن جي سافٽ ويئر جي غير فعال هئڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته فارنزڪ سافٽ ويئر جي غير فعال هئڻ سان واقعي واري هنڌ تان هٿ آيل گولين جي خول جي جاچ ڪيئن ٿيندي؟.
سندس چوڻ هو ته ٻڌايو وڃي فانزڪ مشين جي سافٽ ويئر کي اپڊيٽ ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي، فارنزڪ مشين کي اپڊيٽ ڪرائڻ بابت حڪومت کي رپورٽ ڪيو يو يا نه؟،
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته آءِ جي سنڌ معاملي جي تفصيلي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪري جنهن به آفيسر جي ناهلي آهي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……..