تازه ترين

ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ، پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ، پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ملتان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پنهنجي ٻئي اڻپوري اننگز جي شروعات ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسن تان ڪئي ته سلمان علي آغا ۽ عامر جمال 27 رنسن تي وڪيٽ تي موجود هئا.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي اننگز ۾ رڳو 220 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سلمان آغا 63 ۽ عامر جمال 55 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

سعودي شڪيل 29، صائم ايوب 25، ڪپتان شان مسعود 11، محمد رضوان 10 ۽ بابر اعظم پنج رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته اوپنر عبدالله شفيق بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو ۽ بخار سبب ابرار احمد بيٽنگ لاءِ نه آيو.

قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق ۽ سلمان علي آغا جي سينچرين سبب 556 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ هيري بروڪ جي ٽرپل سينچري ۽ جوروٽ جي ڊبل سينچري سان ستن وڪيٽن جي نقصان 823 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون