ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي 152 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي. ملتان ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ چوٿين ڏينهن جي شروعات ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 36 رنسن کان ڪئي پر ساجد خان هڪ رنس جي اضافي تي ئي اولي پوپ کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته نعمان علي جي بال تي 18 رنسون ٺاهي جوروٽ آئوٽ ٿي ويو. 297 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ جي سموري ٽيم 144 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان 152 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. پاڪستان طرفان نعمان علي 8 ۽ ساجد خان 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان مسلسل 6 ٽيسٽ ميچون هارائڻ ۽ هوم گرائونڊ تي ٽن ورهين بعد ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي. قومي ٽيم جي ساجد خان کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
39%
3.2m/s
8%
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون