تازه ترين

ملير:گڏاپ ٽائون جي مختلف ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين مظاهرو

گڏاپ ٽائون جي مختلف ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڳوٺ علي رضا جوکيو، دائود خاصخيلي، ڳوٺ لال محمد خاصخيلي، صالح جماڻي، سلطان جوکيو، لال بخش خاصخيلي، انور خاصخيلي  سميت ٻين ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي .

احتجاج ڪندي رهواسين چيو ته پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، کين پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم ۽ روڊ رستن جي سهولت ناهي ملي  سگهي.

احتجاج ڪندڙ رهواسين جو چوڻ هو ته ڳوٺن کي سهولتن کان محروم رکڻ جو مقصد کين لڏائڻ جي سازش آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺي.

ڳوٺاڻن چتاءُ ڏنو ته کين جلد پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ناردرن باءِ پاس ۽ گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسن اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون