- Advertisement -
ملير ۾ اي وي ايل سي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مبينا مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو، ٻئي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
رزاق آباد واري علائقي ۾ اي وي ايل سي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، ٻئي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان پسٽل، ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
