تازه ترين

ملير: ڪراچي ملير جيل مان سزا پوري ٿيڻ بعد 80 ڀارتي مهاڻن کي ڀارت موڪليو ويندو

ملير جيل مان سزا پوري ڪرڻ تي 80  ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارتي مهاڻن کي ملير جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي جنهن کي سخت پوليس پھري ھيٺ جيل کان  ڪينٽ اسٽيشن پهچايو ويو.

جيل اختيارين موجب، آزادي ماڻيندڙ ڀارتي مهاڻن کي ڪينٽ کان علامه اقبال ايڪسپريس ذريعي واهگا بارڊر لاهور منتقل ڪيو ويندو.

جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته واهگا بارڊر تان پاڪستاني اختيارين پاران آزادي ماڻيندڙ 80 مھاڻن کي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

سماجي تنظيم ايڌي فائونڊيشن طرفان آزادي ماڻيندڙ ڀارتي مهاڻن جي سفري خرچ سميت پنج هزار روڪ رقم، ڪپڙا ۽ ضرورت جو سامان ڏنو ويو آھي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون