ملير جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار دوران مهاڻو ٻڏي فوت ٿي ويو آهي
ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار دوران 50 ورهين جو محمد اسلم ٻيڙي مان ڪرڻ سبب ٻڏي ويو.
ڳولا بعد مهاڻن محمد اسلم جو لاش پاڻي مان ڪڍي ورتو.
ايڌي ايمبولينس ذريعي ٻڏي فوت ٿيل مهاڻي جو لاش ويجهي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار دوران 50 ورهين جو محمد اسلم ٻيڙي مان ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.