- Advertisement -
ملير جي علائقي قائدآباد ۾ مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 2 شهري زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته قائدآباد واري علائقي مرغي خانه ۾ ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي وئي.
پوليس موجب، ڦورن ۽ پوليس ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري انور پٽ برڪت ڪلهوڙو مارجي ويو، 2 شهري به زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ۽ زخمي شهرين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري انور ڪلهوڙو اڳ به لوڻي ڪوٽ ۽ سائيٽ سپر هاءِ وي جي حدن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
