ملير ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا.
گڏاپ ٽائون ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ فرمان الله ۽ دائود جي نالن سان ٿي آهي.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد پابندي مڙهيل تنظيم جا سرگرم ڪارڪن آهن.
ترجمان موجب جوابدار فرمان الله پابندي مڙهيل تنظيم داعش جو انتهائي سرگرم ڪارڪن آهي.
رينجرز ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته، جوابدار باجوڙ ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث هو.
ترجمان موجب ٻئي جوابدار دائود جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان باجوڙ سان آهي، جوابدار ويجهڙ ۾ ئي داعش ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن وٽان دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.