- Advertisement -
ملير ۾ ٽرڪ ڊرائيورن پاران وزن ڪندڙ ڪانٽي انتظاميا جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ٽرڪ ڊرائيورن پاران گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
ڌرڻي سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته لنڪ روڊ قائم وزن جي ڪانٽي تي ڊرائيورن کان زبردستي ڀتو اوڳاڙيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناجائزي آهي.
هنن چيو ته ڀتو ڏيڻ کان انڪار تي ڊرائيور سان بداخلاقي ۽ تشدد ڪيو پيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪانٽي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
