ملير ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ايمپلائيز ڪميٽي پاران پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ ۽ جبري برطرفين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پاڪستان اسٽيل ملز ايمپلائيز ڪميٽي پاران نسيم حيدر، اڪبر ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسٽيل ملز جي هٿوڙا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيل ملز پورهيتن جي پگهارن ۾ ڏهن سالن کان واڌ ناهي ڪئي وئي.
هنن چيو ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ هر سال اضافو ڪيو وڃي ٿو پر اسٽيل ملز جي پورهيتن جي پگهارن ۾ اضافو نٿو ڪيو وڃي.
سندن چوڻ هو ته پاڪستان اسٽيل ملز مان اريبن رپين جون چوريون ٿي رهيون آھن پر انتظاميا توڙي سڪيورٽي جي ايم ڪو به تحرڪ نٿو وٺي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته هڪ پاسي اسٽيل ملز جي پراڊڪشن ختم ڪئي وئي ٻڙي تي پهچائي وئي ٻئي پاسي قيمتي سامان وڏي پيماني تي چوري ٿي رهيو آهي.
سندن چوڻ هو ته اسٽيل ملز جهڙي شاهوڪار اداري کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو ۽ پورهيتن کان روزگار ڦرجڻ سبب لکين خاندان فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا.
احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قومي اداري کي بچائڻ ۽ هلائڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.