تازه ترين

ملير ۾ پوليس اسٽيل مل مان ڪروڙين رپين جو لوهه چور ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ملير ۾ پوليس اسٽيل مل مان ڪروڙين رپين جو لوهه چور ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن بن قاسم ٿاڻي تي پهچي پوليس سان منهن ماري ڪئي جنهن کانپوءِ 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پپري ۾ ڪارروائي ڪري اسٽيل مل مان ڪروڙين روپين جو لوھ چوري ڪندڙ جوابدار  مختيار لاشاري ۽ آصف ابڙو گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي ملير موجب، لوھ چورن جي ساٿي پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتا ۽ پوليس سان منهن ماري ڪئي ۽ پوليس اهلڪارن جون ورديون ڦاڙي ڇڏيون.

پوليس ڏنڊا بردار جوابدارن کي ڇڙوڇر ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي جنهن دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.

فائرنگ بعد پوليس ٿاڻي 20 کان وڌيڪ ڏنڊا بردار حملي آورن کي  گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻين ٿاڻن جي نفري کي پڻ بن قاسم ٿاڻي تي طلب ڪري ورتو.

جاچ آفيسر بن قاسم جو چوڻ آهي ته هنن هڪ ڪيس ۾ مختيارلاشاري کي گرفتار ڪيو ته سندس ساٿين  پوليس پارٽي مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ اهلڪارن جون ورديون ڦاڙيون ويون آھن.

ٻئي پاسي ايس ايس پي ملير طارق الاهي  مستوئي جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي ساٿارين ٿاڻي حملو ڪيو آھي، حملو ڪندڙن مٿان دهشتگردي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون