تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ملڪي تاريخ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کان وڌيڪ ڪنهن کي رليف نه مليو آهي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کان وڌيڪ ڪنهن کي رليف نه مليو آهي، ڪو به شخص قانون کان مٿڀرو نه هئڻ گهرجي،  سنڌ مڪمل طور پرامن ۽ ڪٿي احتجاج نه ڪيو پيو وڃي،  ڪنهن قانون ٽوڙيو يا ڀڃ ڊاهه ڪئي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي بي ڏوهي سمجهي ٿو ته عدالت وڃي، شاهه محمود قريشي جي پراڻي خواهش پوري ٿي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ ڪنهن جي گرفتاريءَ  تي جشن ناهي ملهائيندي، پر ڪو به اهو نه سمجهي ٿه قانون هٿن ۾ کڻندو.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ هاڻي رڳو سوشل ميڊيا جي پارٽي بڻجي وئي آهي، سندن احتجاج به سوشل ميڊيا تي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي دور ۾ مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو، فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو، منجهن اخلاقيات آهي، هو ڪنهن جي  ڀيڻ يا نياڻيءَ کي گرفتار نه ڪندا.

شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کان وڌيڪ ڪنهن کي رليف نه مليو آهي، ڪو به شخص قانون کان مٿڀرو نه هئڻ گهرجي.

هن چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ باوجود کيس ڪجهه نه ٿيو، پوليس گرفتار ڪرڻ وئي ته ان تي پئٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا.

شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي بي ڏوهي سمجهي ٿو ته عدالت وڃي، شاهه محمود قريشي جي پراڻي خواهش پوري ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته اتحاد ٺاهڻ سڀني جو حق آهي، مقابلو هوندو ته کٽڻ جو مزو ايندو، هر اليڪشن ۾ پ پ مخالف اتحاد ٺهندا رهيا آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته آدمشماريءَ بابت هو وقت کان اڳ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي، چونڊن  ۾ سڀني کي موقعو ملڻ گهرجي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
9 ° C
9 °
9 °
23 %
2.7kmh
95 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون