وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، نواز شريف جي حڪومت کي سازش تحت هٽايو ويو، سازش نه ڪئي وڃي ها ته ڪيترائي منصوبا پهريون مڪمل ٿي وڃن ها، پنهنجي سياسي زندگي ۾ سندس ڪيترن ئي فوجي سربراهن سان ملاقات ٿي آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير وڏي ڪمٽنمينٽ جو مظاهرو ڪيو، ايل سيز کلڻ سان ملڪ ۾ اليڪٽرڪ بسون اچي ويون آهن.
اسلام آباد ۾ باره ڪهو باءِ پاس جو افتتاح ۽ سرينا چوڪ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف باره ڪهو باءِ پاس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڄي ملڪ مان ايندڙ سياحن لاءِ باره ڪهو مان گذرڻ تمام گهڻو ڏکيو هو ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول جي ڳالهه هئي، باره ڪهو منصوبو گهڻو اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها.
سندس چوڻ هو ته باره ڪهو باءِ پاس لاءِ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو، عوام لاءِ رستو ٺاهڻ وڏي عبادت آهي، ملڪي ترقي لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته باره ڪهو باءِ پاس منصوبي کي 9 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو، منصوبي سان سياحن جو وقت بچندو، سازش نه ٿئي ها ته اهو منصوبو نواز شريف جي دور ۾ مڪمل ٿئي ها، عوام جي ڀلائي جو عظيم مقصد سامهون هجي ته الله تعاليٰ مدد ڪندو آهي.
هن چيو ته باره ڪهو باءِ پاس منصوبي ۾ آرمي چيف مڪمل سهڪار ڪيو، خواهش آهي ته سياستدان ۽ ادارا گڏجي ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻن، موجوده سپر سالار ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ هميشه فڪرمند آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته طعنا ڏنا ويا ته هو اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهي پر کيس ڪوبه فرق نٿو پئي جڏهن ته ذاتي مفاد لاءِ ڪڏهن فوجي سربراهن سان ملاقاتون نه ڪيو، مقصد رڳو هڪ هو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃن.
..