تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪي معاشي استحڪام لاءِ  چيني سيڙپڪاري تمام گهڻي اهم آهي:محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معاشي استحڪام لاءِ  چيني سيڙپڪاري تمام گهڻي اهم آهي،  چيني ڪمپنين جي حفاظت لاءِ  سڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو،  پاڪستان ۾ سڪيورٽي جون حالتون بهتر ٿيون آهن، ڀائيواري سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي  محمد اورنگزيب چيو ته  پاڪستان پنهنجي مارڪيٽ جي چين جي مارڪيٽ برابر ڪرڻ لاءِ  جون تائين پانڊا  بانڊ جاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته مصر جي طرز تي يوآن باند جاري ڪرڻ جي بئنڪ گارنٽي لاءِ ايشين انفراسٽرڪچر انويسمينٽ بئنڪ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن،  پاڪستان ايندڙ مهينن ۾ پنهنجي ڪريڊٽ ريٽنگ کي سنگل بي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته  پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ  چيني سيڙپڪاري تمام گهڻي اهم آهي، پاڪستان سي پيڪ جي ايندڙ فيز ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي  شعبن کي وسيع ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته چين جي خانگي شعبي ۽ شيون ٻاهر موڪليندڙ صنعتن کي  پاڪستان ۾ سيرپڪاري ڪرڻ گهرجي،  چين جون وڏيون ڪمپنيون  پنهنجا برآمدي يونٽس پاڪستان منتقل ڪري پاڪستان کي شيون ٻاهر موڪليندڙ مرڪز طور استعمال ڪري سگهن ٿيون. مريم اورنگزيب چيو ته  سي پيڪ ٽو ۾  شيون ٻاهر موڪليندڙ  صنعن جي ترجيح سان قرض جي ادائيگي سولي بڻائڻي پوندي. هن چيو ته  شيون ٻاهران گهرائڻ  تي ٻڌل معيشيت سبب  پاڪستان کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ گهٽتائي ۽ ادائگين ۾ عدم توازن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون