ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معاشي استحڪام لاءِ چيني سيڙپڪاري تمام گهڻي اهم آهي، چيني ڪمپنين جي حفاظت لاءِ سڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ سڪيورٽي جون حالتون بهتر ٿيون آهن، ڀائيواري سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي.
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان پنهنجي مارڪيٽ جي چين جي مارڪيٽ برابر ڪرڻ لاءِ جون تائين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته مصر جي طرز تي يوآن باند جاري ڪرڻ جي بئنڪ گارنٽي لاءِ ايشين انفراسٽرڪچر انويسمينٽ بئنڪ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان ايندڙ مهينن ۾ پنهنجي ڪريڊٽ ريٽنگ کي سنگل بي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ چيني سيڙپڪاري تمام گهڻي اهم آهي، پاڪستان سي پيڪ جي ايندڙ فيز ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبن کي وسيع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته چين جي خانگي شعبي ۽ شيون ٻاهر موڪليندڙ صنعتن کي پاڪستان ۾ سيرپڪاري ڪرڻ گهرجي، چين جون وڏيون ڪمپنيون پنهنجا برآمدي يونٽس پاڪستان منتقل ڪري پاڪستان کي شيون ٻاهر موڪليندڙ مرڪز طور استعمال ڪري سگهن ٿيون.
مريم اورنگزيب چيو ته سي پيڪ ٽو ۾ شيون ٻاهر موڪليندڙ صنعن جي ترجيح سان قرض جي ادائيگي سولي بڻائڻي پوندي.
هن چيو ته شيون ٻاهران گهرائڻ تي ٻڌل معيشيت سبب پاڪستان کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ گهٽتائي ۽ ادائگين ۾ عدم توازن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي