- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت خلاف عظيم ڪاميابي ملي، ملڪ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته سڀ متحد ٿي جواب ڏيندا.
سيد مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن ۽ اسپيشل ٻارن سان گڏجي مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي.
وڏي وزير اسپيشل ٻارڙن سان گڏ پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا، ساڻن سيفليون ڪڍرايون ۽ هڪ ٻار کي هنج ۾ کڻي ڊائس تي ويهاريو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هو اسپيشل ٻارن ۽ ڪابينا ميمبرن سان مزارِ قائد تي آزاديءَ جو جشن ملهائڻ آيا آهن.
هن چيو ته پهلگام واقعي بعد ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن بعد پاڪ فوج ۽ قوم متحد ٿي دشمن کي جواب ڏنو.
وڏي وزير چيو ته ڀارت خلاف پاڪستان کي عظيم ڪاميابي حاصل ٿي، ملڪ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته سڀ متحد ٿي جواب ڏيندا، هو جشن آزادي پنهنجن ٻارن ۽ دوستن سان گڏ ملهائڻ چاهي ٿو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته الله پاڪ پاڪستان ۾ امن، جمهوريت جي بقا ۽ کين عوام جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري.
وڏي وزير چيو ته تيرهن آگسٽ جي رات هو نيشنل اسٽيڊيم ۾ آزاديءَ جو جشن ملهائيندا.
سيد مراد علي شاهه خاص ٻارن لاءِ ڌار انڪلوزر ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي…….- Advertisement -
