ملڪ جا اڪثر ميداني علائقا چئن ڏينهن تائين سخت گرمي جي لهر جي اثر هيٺ رهندا:موسميات کاتي

- Advertisement -
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ جا اڪثر ميداني علائقا چئن ڏينهن تائين سخت گرمي جي لهر جي اثر هيٺ رهندا. موسميات کاتي موجب، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ اڄ کان 24 مئي تائين ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته سينٽرل ۽ مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. لاڙڪاڻي، روهڙي، سبي ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ، پشاور 43، لاهور، ملتان، فيصل آباد، مظفر آباد 41 ڊگري سينٽي رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح اسلام آباد 39، ڪوئيٽا 36، ڪراچي 35 ۽ گلگت ۾ 34 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رهيو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
31%
2.2m/s
5%
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون