تازه ترين

ملڪ جا معاشي انگ اکر هاڪاري آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهترين  ڪارڪردگي ان جو ثبوت آهي : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جا معاشي انگ اکر هاڪاري آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهترين  ڪارڪردگي ان جو ثبوت آهي. محمد اورنگزيب موڊيز ريٽنگز جي نمائندن سان زوم ميٽنگ ڪئي، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت جي اعلي عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت موڊيز جي نمائندن کي آگاهي ڏني. سندس چوڻ هوته جون 2024ع  ۾ پاڪستان جا ناڻي ذخيرا 9 ڏهائي 4 بلين آمريڪي ڊالر تائين ٿي ويا، اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهترين ڪارڪردگي هاڪاري معاشي صورتحال جو ثبوت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي ناڻي واڌ جي شرح 12 ڏهائي 6 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾  7 ڏهائي 7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. محمد اورنگزيب چيو ته مالي سال 2023ع جي ڀيٽ ۾ 2024ع دوران ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، هيل تائين ڏيڍ لڳ واپارين پهريون ڀيرو ٽيڪس نيٽ ۾ رجسٽرڊ ڪرايو. ناڻي واري وزارت موجب محمد اورنگزيب وفد کي نئين آءِ ايم ايف پروگرام بابت آگاهه پڻ ڪيو، جڏهن ته موڊيز ريٽنگز جي نمائندن پاڪستان جي معاشي قدمن جي واکاڻ ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
41 %
5.1kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون