وزيراعظم شهبازشريف، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياريءَ ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ سندن صلاح مشورا شامل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جو معاشي استحڪام سندن بنيادي مقصد آهي، معيشت جي بحاليءَ لاءِ وفاق ۽ صوبن ۾ ڀائيواري اڻٽر آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احمد خان چيما، سردار اويس لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ هلندڙ وفاقي منصوبن ۽ صوبي جي مسئلن بابت وزيراعظم آگاهي ڏني.
وزيراعظم سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ خدشا ختم ڪرائڻ ۽ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي بحالي لاءِ وفاق ۽ صوبن جو گڏجڻ ضروري آهي.
هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ کين متحد ٿي مسئلن جا حل ڳولڻا پوندا.
شهبازشريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياريءَ ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ سندن صلاح مشورا شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.