تازه ترين

ملڪ جي جيلن ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جيل سڌارا آڻڻا پوندا : چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ملڪ جي جيلن ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جيل سڌارا آڻڻا پوندا. چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ جيل سڌارن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس شمس محمود مرزا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تازو قيد ڪاٽيندڙ خديجا شاهه به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي چيف جسٽس چيوته ملڪ جي جيلن ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جيلن ۾ قيدين جي گنجائش 66 هزار 625 ۽ قيدين جو انگ هڪ لک 8 هزار 643 آهي. هن چيو ته پنجاب جي جيلن ۾ گنجائش 36 هزار 365 آهي ۽ قيدي 67 هزار 837 آهن، قيدين مان 36 هزار 128 جوابدار ٽرائل شروع ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۾ انهن مسئلن جو هنگامي بنيادن تي حل ڪڍڻو پوندو، جيل سڌارن تي پهريون اجلاس لاهور ۾ ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته گنجائش کان وڌيڪ قيدي پنجاب ۾ آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون