تازه ترين

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب اڄ به ٽريفڪ سخت

- Advertisement -
سنڌ،  پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾  سخت ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي بند ڪيو ويو . ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب اڄ به ٽريفڪ سخت متاثر  ٿي آهي. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر وي 3  فيض پور کان سمندري تائين بند آهي. ترجمان موجب، موٽر وي ايم 4  عبدالحڪيم کان فيصل آباد  بند آهي. ايم 2 لاهور کان ڪوٽ مومن ۽ ملتان موٽر وي فيض پور  کان رجانه ۽ موٽر وي ايم 11 لاهور کان سيالڪوٽ تائين بند ڪيو ويو  آهي. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب قومي شاهراهه، انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي. خيرپور ۽ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، نظر جي حد گهٽجڻ سبب قومي شاهراهه تي ٽريفنگ جي روانگي متاثر ٿي وئي آهي. موري ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن سبب نظر جي حد 10 ميٽرن تائين رهجي وئي آهي. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي، جنهن سبب ماڻهن کي ڊرائيونگ ۾ ڏکيائون پيش اچڻ لڳيو. دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي. پيروسڻ، کرڙا، سيري، مروڙ، جعفر خان جلالاڻي ۽ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ ڪري مهراڻ هاءِ وي تي ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي. ميان صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي، جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي . ننگريجا ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل ڏينهن کان ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر وئي آهي. ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڪوهيڙي جي ڪري نظر جي حد گهٽجي وئي آهي،جنهن سبب ماڻهن گهرن تي محدود ٿي ويا آهن. پکو، قبو سعيد خان ۽ ٻين علائقن  ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
36 %
1.9kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون