- Advertisement -
ملڪ جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب اڄ به مختلف موٽر ويز بند ڪيو ويو آهي.
موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 3 کي فيض پور کان رجانه تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.
ايم 4 گوجره کان پنڊي ڀٽيان تائين ۽ ايم 5 شير شاهه کان ظاهر پير تائين به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.
موٽر وي 11 لاهور- سيالڪوٽ تي هر قسم جي ٽريفڪ جي داخلا بند ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب ٿڌ سبب قومي شاهراهن تي ڪوهيڙي جو وقت وڌي ويو آهي، مسافر ڏينهن جي وقت ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين، ڊرائيور لائيٽس جو استعمال ڪن ۽ غيرضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي.- Advertisement -
