- Advertisement -
ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ هلندڙ برساتن بعد سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب گڊو بئراج وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿي وئي، جڏهن ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج وٽ به هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿي ويندي.
چشما، تونسا ۽ ڪابل ندي وٽ وچولي ٻوڏ ڊڪليئر بعد تربيلا، ڪالاباغ ۽ گڊو بئراج وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿي وئي.
تربيلا وٽ هيٺاهين ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ بعد پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 36 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 24 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪالاباغ وٽ هيٺاهين درجي جا وهڪرا هلي رهيا آهن جتي پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 69 هزار 242 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 61 هزار 258 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
چشما وٽ وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ بعد پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 18 هزار 637 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو چار لک چار هزار 102 ڪيوسڪ رهيو.
تونسا وٽ وهڪرن ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ٿيڻ بعد پاڻيءَ جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 98 هزار 235 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪابل ندي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ وڏي واڌ ٿيڻ بعد وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي جتي هڪ لک 14 هزار 200 ڪيوسڪ جا وهڪرا رڪارڊ ڪيا ويا.
گڊو بئراج وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ بعد پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 19 هزار 91 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، گڊو بئراج جا سمورا واهه بند هئڻ سبب سمورو پاڻي هيٺاهين وهڪرن ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي.
پاڻي ماهر موجب، گڊو بئراج کان نڪتل پاڻي 48 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج پهچندو جنهن بعد سکر بئراج وٽ به هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ٿي ويندي………..- Advertisement -
