تازه ترين

ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ هئڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڻي وسيلن بابت وزارت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ پيش ڪري ڇڏيا. پاڻي وسيلن بابت وزارت جو چوڻ آهي ته گلگت، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ پيئڻ جو پاڻي سئو سيڪڙو غير محفوظ آهي. پاڻي وسيلن بابت وزارت موجب، ملتان ۾ 94، ڪراچي ۾ 93 ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي گدلو آهي. پاڻي وسيلن بابت وزارت جو چوڻ آهي ته بهاولپور ۾ سرگوڌا ۾ 83، بهاولپور ۾ 76، شيخوپورا ۾ 60 ۽ فيصل آباد ۾ 59 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي. پاڻي وسيلن بابت وزارت موجب، حيدرآباد ۾ 80، سکر ۾ 67، ايبٽ آباد ۾ 55، خضدار ۾ 55، ڪوئيٽا ۾ 59 ۽ مظفر آباد ۾ 70 سيڪڙو پاڻي گدلو ٿي چڪو آهي. پاڻي وسيلن بابت وزارت جو چوڻ آهي ته ارڙهين ترميم بعد پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ معيار بهتر بڻائڻ صوبن جي ذميواري آهي. پاڻي وسيلن بابت وزارت نيٽ هائيڊل پروفٽ تحت صوبن کي ادا ڪيل رقم جا تفصيل به ايوان ۾ پيش ڪيا. پاڻي وسيلن بابت وزارت لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت نيٽ هائيڊل پروفٽ تحت خيبرپختونخوا کي 36 ارب رپيا، پنجاب لي 72 ارب ۽ آزاد ڪشمير کي 37 ڪروڙ بقايا ادا ڪيا آهن. لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڏهن سالن ۾ ڪي پي کي نيٽ هائيڊل تحت 216 ارب رپيا، پنجاب کي 73 ارب 45 ڪروڙ ۽ آزاد ڪشمير کي 6 ارب 36 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
55 %
3.2kmh
13 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °
اربع
25 °

تازه ترين خبرون