تازه ترين

ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ هئڻ جو انڪشاف

ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پاڻي وسيلن بابت وزارت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ پيش ڪري ڇڏيا.

پاڻي وسيلن بابت وزارت جو چوڻ آهي ته گلگت، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ پيئڻ جو پاڻي سئو سيڪڙو غير محفوظ آهي.

پاڻي وسيلن بابت وزارت موجب، ملتان ۾ 94، ڪراچي ۾ 93 ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي گدلو آهي.

پاڻي وسيلن بابت وزارت جو چوڻ آهي ته بهاولپور ۾ سرگوڌا ۾ 83، بهاولپور ۾ 76، شيخوپورا ۾ 60 ۽ فيصل آباد ۾ 59 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي.

پاڻي وسيلن بابت وزارت موجب، حيدرآباد ۾ 80، سکر ۾ 67، ايبٽ آباد ۾ 55، خضدار ۾ 55، ڪوئيٽا ۾ 59 ۽ مظفر آباد ۾ 70 سيڪڙو پاڻي گدلو ٿي چڪو آهي.

پاڻي وسيلن بابت وزارت جو چوڻ آهي ته ارڙهين ترميم بعد پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ معيار بهتر بڻائڻ صوبن جي ذميواري آهي.

پاڻي وسيلن بابت وزارت نيٽ هائيڊل پروفٽ تحت صوبن کي ادا ڪيل رقم جا تفصيل به ايوان ۾ پيش ڪيا.

پاڻي وسيلن بابت وزارت لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت نيٽ هائيڊل پروفٽ تحت خيبرپختونخوا کي 36 ارب رپيا، پنجاب لي 72 ارب ۽ آزاد ڪشمير کي 37 ڪروڙ بقايا ادا ڪيا آهن.

لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڏهن سالن ۾ ڪي پي کي نيٽ هائيڊل تحت 216 ارب رپيا، پنجاب کي 73 ارب 45 ڪروڙ ۽ آزاد ڪشمير کي 6 ارب 36 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا………..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
40 %
0.8kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون