تازه ترين

ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت ٺهراءَ جي پي ٽي آءِ طرفان مخالفت مايوس ڪندڙ ۽ مذمت جوڳي آهي: شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت ٺهراءَ جي پي ٽي آءِ طرفان مخالفت مايوس ڪندڙ ۽ مذمت جوڳي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو محسن آهي ۽ هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو.

شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿي ته اسرائيل کي به تڪليف پهتي هئي، پي ٽي آءِ اسرائيلي سان نمڪ حلالي ڪري رهي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا آءِ ايم ايف جي ٻاهران ملڪ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، اهڙا قدم ثابت ڪن ٿا ته پي ٽي آءِ جي ڏور ڪٿان ڇڪي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو رويو جمهوريت جي قدرن ۽ سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن سان گڏ ايڪي کي مجروح ڪري ٿو.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي مخالفت سان لڳي ٿو ته کين فلسطيني مسلمانن سان ڪا به همدردي نه آهي، پي ٽي آءِ غزا بابت ٺهراءَ جي مخالفت ڪري هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪيو آهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون