- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ کي سياسي، اقتصادي ۽ سڪيورٽي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ سياسي اتحاد جي ضرورت آهي، هو ملڪ کي نقصان پهچائڻ واري سياست خلاف آهن، عوامي ڀلائي لاءِ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي پرعزم طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو.
آصف علي زرداريءَ طرفان ايوان صدر ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
آجياڻي ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضاگيلاني، ڪي پي ۽ پنجاب جا گورنر، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، اي اين پي جي صدر ايمل ولي خان، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، عبدالعليم خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
صدر آصف علي زرداريءَ پارلياماني جمهوريت وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سياسي استحڪام کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ کي سياسي، اقتصادي ۽ سڪيورٽي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ سياسي اتحاد جي ضرورت آهي.
صدر چيو ته عوامي ڀلائي لاءِ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي پرعزم طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو.- Advertisement -
