تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ ۾ آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ملڪ ۾ آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، حڪومت به ڪميٽي ڪميٽي کيڏڻ بند ڪري هارين جي معاشي قتل جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن خلاف ڪارروائي وڃي،  ملڪي مسئلن جو حل ڳالهين کانسواءِ ممڪن ناهي، مخالف ڌر روئڻ بدران عوامي مسئلن تي ڳالهيون ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀتو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ پنهنجي خطاب ۾ ڳالهين جو چيو، صدر تقريب دوران ويهه منٽ رڳو عوامي مسئلن تي ڳالهايو. هن چيو ته جمهوري انداز ۾ احتجاج ڪرڻ هر سياسي پارٽيءَ جو حق آهي،  مخالف ڌر پنهنجن ذاتي مسئلن تي واويلا ڪرڻ بدران عوام جي مسئلن تي ڳالهيون ڪري، پي ٽي آءِ اڳواڻن پنهنجي ڪلاڪ جي تقرير ۾ رڳو پي ٽي آءِ باني ۽ پنهنجي ساٿين لاءِ واويلا ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر جون پگهارون تڏهن حلال ٿينديون، جڏهن اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪندا، مخالف ڌر کي هو تجويز ڏيندو ته بجيٽ ۾ انهن جون تجويزون هجڻ گهرجن. پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت به ڪميٽي ڪميٽي کيڏڻ بند ڪري هارين جي معاشي قتل جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن خلاف ڪارروائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون