- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، ٻه صوبا بدامني جي ور چڙهيل آهن، جتي اليڪشن ٿئي اتي چونڊ وارو ماحول به فراهم ڪيو وڃي، چونڊ مهم دوران ڪو اڳواڻ يا ڪارڪن شهيد ٿيو ته ذميوار سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر هوندا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ کسڻ اصولي طور غلط آهي، پي ٽي آءِ سان زيادتي نه پئي ٿئي، کين مشهور ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شيڊيول جاري ڪرڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد ڪيئن ٿي؟
مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن جو ماحول گهرڻ سندس حق آهي، اهڙي ڳالهه ڪرڻ تي چيو وڃي ٿو ته هو اليڪشن جي مخالفت ڪري رهيو آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته اليڪشن ٿي رهي آهي ته چونڊن وارو ماحول به فراهم ڪيو وڃي، ٻه صوبن ۾ بدامني آهي، چونڊن دوران ڪو اڳواڻ يا ڪارڪن شهيد ٿيو ته ذميوار سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر هوندا.
مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا جو انضمام تجربو ناڪام نظر اچي رهيو آهي، اتان جي عوام سان ڪيل واعدا 10 سيڪڙو به پورا ناهن ڪيا ويا.
هن چيوته فاٽا جي عوام کي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هو پاڙيسري ملڪ سان پرامن لاڳاپا چاهن ٿا، مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ استحڪام ٻنهي ملڪن توڙي خطي لاءِ ضروري آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسرائيلي بمباريءَ سان 20 هزار کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي چڪا آهن، دنيا اسرائيل جي جنگي ڏوهن جو نوٽيس وٺي، والاريل ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي.- Advertisement -
