صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، دهشتگردن کان جوانن جي وهايل رت جو حساب ورتو ويندو، سندن بهادر ڀائر، پٽ ۽ دوست سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، هو واعدو ڪري ٿو ته سندن پٽن جو خون رائيگان نه ويندو، ملڪ جو عوام ۽ فوج گڏ آهن، دهشتگردن جو مقابلو ڪندا.
صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
صدر پاران اتر وزيرستان حملي ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
صدر آصف علي زرداري دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي عزم کي ورجايو.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جو نظريو مضبوطي سان برقرار رکيو آهي، پاڪ فوج انهن ئي اصولن تحت هميشه پيشواراڻي صلاحيتن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حب الوطني جا اعليٰ ترين مثال قائم ڪيا آهن.
هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، دهشتگردن کان جوانن جي وهايل رت جو حساب ورتو ويندو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته سندن بهادر ڀائر، پٽ ۽ دوست سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، هو واعدو ڪري ٿو ته سندن پٽن جو خون رائيگان نه ويندو.
آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جو عوام ۽ فوج گڏ آهن، دهشتگردن جو مقابلو ڪندا..