- Advertisement -
ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 13 ڪروڙ 26 لک 68 هزار 515 تائين پهچي ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، سڄي ملڪ ۾ ووٽرن جي تعداد بابت تازا ترين انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 7 ڪروڙ 12 لک 75 هزار 222 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 6 ڪروڙ 13 لک 93 هزار 293 آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، مجموعي طور مرد ووٽرن جي شرح 53 ڏهائي 72 ۽ عورت ووٽرن جي شرح 46 ڏهائي 28 سيڪڙو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، اسلام آباد ۾ 11 لک 70 هزار 744 ووٽر رجسٽرڊ آهن، جن ۾ 6 لک 13 هزار 118 مرد ۽ 5 لک 57 هزار 626 عورت ووٽر آهن.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ووٽرن جو تعداد 7 ڪروڙ 55 لک 45 هزار 995 آهي، جن ۾ 4 ڪروڙ 24 لک 11 هزار 112 مرد ۽ 3 ڪروڙ 53 لک 4 هزار 883 عورت ووٽر رجسٽرڊ آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب، سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 78 لک 24 هزار 706 ووٽر رجسٽرڊ آهن، جن ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک 34 هزار 499 مرد ۽ هڪ ڪروڙ 27 لک 90 هزار 207 عورت ووٽر آهن.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ووٽرن جو انگ 55 لک 37 هزار 699 آهي، جن ۾ 31 لک هڪ هزار 640 مرد ۽ 24 لک 36 هزار 59 عورت ووٽر آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب، خيبرپختونخوا ۾ 2 ڪروڙ 25 لک 89 هزار 371 ووٽر رجسٽرڊ آهن، جن ۾ هڪ ڪروڙ 22 لک 84 هزار 853 مرد ۽ هڪ ڪروڙ 3 لک 4 هزار 518 عورت ووٽر آهن.
ووٽرن جي فرق ۾ پنجاب جي آبادي ٽنهي صوبن ۽ اسلام آباد کي ملائي به وڌيڪ رجسٽرڊ ٿي وئي آهي.- Advertisement -
