ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به لاٿ آئي آهي.
پاڪستان ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ گهٽتائي ايندي پئي وڃي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 300 رپين جي لاٿ ٿي آهي جنهن کان پوءِ في تولي جي نئين قيمت ٻه لک 48 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 3 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ ٻه هزار 395 ڊالر في اونس آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سون جي قيمت 20 ڊالر پريميم شامل ٿيڻ کانپوءِ ٻه هزار 412 ڊالر في اونس آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 1900 رپيا لاٿ ٿي هئي….