- Advertisement -
ملڪ ۾ ماهوار سطح تي مهانگائي جي شرح هڪ ڏهائي 83 سيڪڙو وڌي وئي آهي.
شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو يو وته شهري علائقن ۾ مهانگائي هڪ ڏهائي 54 سيڪڙو ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ 2 ڏهائي 26 سيڪڙو وڌي.
رپورٽ موجب ٽماٽن جي اگهه ۾ 58 ڏهائي 64 سيڪڙو، بصر جي اگهه ۾ 18 ڏهائي 71 سيڪڙو ۽ سبزين ۾ 12 ڏهائي 22 سيڪڙو اضافو ٿيو.
شماريات کاتي موجب ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٽماٽو 47 ڏهائي 87 سيڪڙو، اٽو 8 ڏهائي 27 سيڪڙو ۽ آنا 5 ڏهائي 83 سيڪڙو مهانگا ٿيا.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪڪڙ جي قميت شهري علائقن ۾ 21 ڏهائي 52 سيڪڙو ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ 21 ڏهائي 42 سيڪڙو گهٽ ٿي.
شماريات کاتي موجب سالياني بنياد تي آڪٽوبر 2025ع ۾ مهانگائي 6 ڏهائي 24 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته شهري علائقن ۾ سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح 6 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ 6 ڏهائي 59 سيڪڙو رهي.
شماريات کاتي موجب جولاءِ کان آڪٽوبر2025 دوران مهانگائي جي شرح 4 ڏهائي 73 سيڪڙو رهي.
- Advertisement -
