- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ معدني ذخيرن جي ماليت کربين ڊالر آهي، معدني ذخيرن جو استعمال ڪري قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته فورم ۾ شرڪت تي سڀني کي ڀليڪار ڪن ٿا، ريڪوڊڪ منصوبي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته ريڪوڊڪ منصوبو گهڻي عرصي کان رولڙي جو شڪار رهيو، پر ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي حوصلا افزائي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ڪرائڻ سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو، فورم معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سبب بڻجندو.
هن چيو ته خيبرپختونخوا کان بلوچستان ۽ گلگت بلستان جي جبلن ۾ معدنيات جا وسيع ذخيرا موجود آهن، سنڌ ۽ پنجاب جي سر زمين به قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي.
وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه قدرسي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، سنڌ سرڪار ڪوئلي جي ذخيرن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي.
شهباز شريف چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوئلي کي بجلي پيداوار لاءِ استعمال ڪيو، پاڪستان ۾ خاص طور پنجاب ۽ سنڌ ۾ زرخير زمين آهي، ملڪ ۾ معدني ذخيرن جي ماليت کربين ڊالر آهي.
وزيراعظم چيو ته ذخيرن کي ڪڍي پاڪستان پنهنجي قرضن جي جبل مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.
شهباز شريف چيو ته هو آمريڪا، چين ۽ يورپ سميت سمورن ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ٿو، عالمي سيڙپڪاري لاءِ فائديمند ٿيندو ته هو هتان خال مال ٻاهر کڻي وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو گڏجي پاڪستان کي دنيا جو عظيم ملڪ بڻائيندا ۽ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪندا.- Advertisement -
