- Advertisement -
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي وئي آهي، ملڪي معيشيت استحڪام طرف وڃي رهي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهن جي زندگي تي فرق پوندو، معاشي استحڪام تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، موسمياتي تبديلي سنگين ۽ گڏيل مسئلو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جو اثر عام ماڻهو تائين پهچي، مهانگائي ۾ گهٽتائي جو اثر وياج جي شرح تي به پوندو، حڪومتي پاليسين سبب ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پيٽرول جي قيمت گهٽ ٿيندي آهي ته ڀاڙن ۾ فوري طور گهٽتائي ڪرائي ويندي آهي، موسمياتي تبديلي سنگين ۽ گڏيل مسئلو آهي.
پنجاب جي سينيئر وزير چيو ته پنجاب حڪومت سموگ جي خاتمي لاءِ ڏهن ورهين جو منصوبو ٺاهيو آهي، آبادگارن کي سموگ جي خاتمي لاءِ سپر سيڊ ڏيندا، حڪومتي قدمن سان سموگ جي انڊيڪس ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز گذريل 9 مهينن کان عوام جي خدمت ۾ رڌل آهي ۽ صوبي کي پرامن بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪري پئي، پنجاب ۾ 30 هزار ٻارڙن کي اسڪالرشپ ڏيندا…………- Advertisement -
