تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي  خط لکي درخواست ڪئي آهي ته 26هين آئيني ترميم خلاف ڪيتريون ئي درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، درخواستون منظور ٿيڻ سان جوڊيشل ڪميشن ختم ٿي سگهي ٿي، 26 جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج منصور علي شاهه، چيف جسٽس کي خط 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ لکيو آهي. خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم تحت جوڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي هئي، هن آئيني ترميم خلاف ڪيتريون ئي درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستون منظور به ٿي سگهن ٿيون يا رد به، ترميم خلاف درخواست منظور ٿئي ٿي ته جوڊيشنل ڪميشن جي فيصلن جي حيثيت ختم ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته اهڙي صورتحال اداري ۽ ميمبرن لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجندي، 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فيصلو ڪري جوڊيشل ڪميشن جي قانوني حيثيت جو هميشه لاءِ فيصلو ڪري سگهجي ٿو. خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه اپيل ڪئي آهي ته چيف جسٽس يحيٰ آفريدي 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙي، چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻي لاءِ لڳائڻ جو حڪم ڏئي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
65 %
0.5kmh
100 %
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون