تازه ترين

ملڪ ۾ موجود سياسي ڪرپشن، جڊيشري ۽ ٻين ادارن اندر ٿيندڙ ڪرپشن جو خاتمو آڻي انهن کي سزا ڏني وڃي: اڳوڻي وفاقي وزير ڪشنچند پارواڻي

هندو رائيٽس فورم جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڪشنچند پارواڻي چيو آهي ته هي ملڪ تاريخ جي انتهائي نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، ملڪ ۾ موجود سياسي ڪرپشن، جڊيشري ۽ ٻين ادارن اندر ٿيندڙ ڪرپشن جو خاتمو آڻي، چورن، لٽيرن ۽ ذخيرا اندوزن کي سزا ڏني وڃي .

ميرپورخاص ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪشنچند پارواڻي چيو ته سياستدان جيڪڏهن چون ٿا ته هنن کي بي اختيار حڪومتون ملن ٿيون ته پوءِ هو پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ڇو نه ٿا بااختيار ٿين .

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته سنڌ جي ڪچي ۾ آمريڪي فوج جا ڇڏيل هٿيار پهچي چڪا آهن ته ان معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهي هٿيار بارڊر ڪراس ڪري سنڌ جي ڪچي تائين ڪيئن پهتا آهن .

هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي پارٽيءَ جي سنڌ ۾ 15 سال حڪومت رهي آهي، پر سنڌ ۾ نه ماڻهن کي صاف پاڻي ٿو ملي، نه صحت جون سهولتون، ساڳئي وقت مهانگائي عروجتي پهتل آهي .

سندس چوڻ هو ته چيو ته بلاول ڀٽو نوجوان ليڊر آهي، سندس پارٽي سنڌ جي وڏي پارٽي آهي پر هو پاڻ کي چورن ۽ ٺڳن کان الڳ ڪري، پنهنجي پارٽيءَ جي 15 سالن جي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي اڻڌري جاچ ڪرائي .

هن چيو ته سنڌ جو ڪچو ڏوهارين جي آماجگاهه بڻجي چڪو آهي، جتي جان محمد جهڙن بهادر صحافين کي شهيد ڪري ڏوهاري پناهه وٺي ويٺل آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ سرعام اغوا ڪري ڪچي ۾ رکيو پيو وڃي . هن چيو ته سنڌ ۾ هندو نياڻين جي اغوا ۽ زبردستي مذهب مٽائڻ جا واقعا رڪجي ناهن سگهيا، سنڌ حڪومت فورس ڪنورين جو بل ته پاس ڪيو پر اهو اڃا گورنر کي ناهي موڪليو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون