تازه ترين

ملڪ ۾ هن وقت مهانگائيءَ جو طوفان هلي رهيو آهي : شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ هن وقت مهانگائيءَ جو طوفان هلي رهيو آهي، سنڌ حڪومت سوچي رهي آهي ته ڪهڙي طرح عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ حڪومت 21 لک ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، سياسي تنقيد ڪندڙ هر شيءِ ۾ غلطي ڳوليندا آهن، ٿرپارڪر جي ڪوئلي سان سڄي ملڪ جي بجلي جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ نگران سيٽ اپ اچي ويندو.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو سان گڏ مفت موبائل اسپتال سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي 26 ضلعن ۾ موبائل يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن ٽن ضلعن ۾ اڄ کان سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ هن وقت مهانگائيءَ جو طوفان هلي رهيو آهي.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت سوچي رهي آهي ته ڪهڙي طرح عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ حڪومت 21 لک ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سياسي تنقيد ڪندڙ هر شيءِ ۾ غلطي ڳوليندا آهن، ٿرپارڪر جي ڪوئلي سان سڄي ملڪ جي بجلي جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ نگران سيٽ اپ اچي ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
28 %
3kmh
72 %
اڱارو
20 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
20 °

تازه ترين خبرون