ملڪ ۾ پاڻي جا وڏا ذخيرا ختم ٿي ويا، منگلا کان پوءِ تربيلاڊيم به ڊيڊ ليول تي پهچي ويو آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو برقرار آهي.
سنڌ ۾ گڏيل طور پاڻي جي کوٽ 51 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ خريف جو فصل سخت متاثر ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن.
سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 67 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب بئراج جي واهن کي رڳو 10 هزار 110 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.
سنڌ ۾ پاڻي گهرج 39 هزار 230 ڪيوسڪ آهي، جنهن مان سنڌ کي 49 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، جنهن سبب خريف جا فصل کي سخت نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
ٻئي طرف گڊو بئراج وٽ پاڻي سطح ۾ 24 ڪلاڪن اندر 737 ڪيوسڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 22 هزار 498 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 984 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر کي پاڻي فراهمي بند ڪئي وئي آهي.
گڊو بئراج مان نڪرندڙ ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ هڪ هزار 993 ڪيوسڪ، جڏهن ته گهوٽڪي فيڊر ۾ 2 هزار 521 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي.