- Advertisement -
ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون سلسلو شروع، مختلف شهرن ۾ تيز برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، وسڪاري سبب پنجاب، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويو آهي، ڪچن گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي.
نارووال، شڪر ڳڙهه ۽ جهلم سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
شڪر ڳڙهه نالي ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، نالي ۾ ڦاٿل 9 هارين ۽ مالوندن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو.
ڪاغان ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي آهي.
گلگت بلتستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي وهڪرن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي ويو آهي، استور ۾ تيز برساتن سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو آهي.
بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو، هرنائي، سبي، بولان، جهل مگسي ۽ نصيرآباد ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.- Advertisement -
