تازه ترين

ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون سلسلو شروع، وزيراعظم طرفان اين ڊي ايم اي کي الرٽ رهڻ جي هدايت

- Advertisement -
ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون سلسلو شروع، مختلف شهرن ۾ تيز برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، وسڪاري سبب پنجاب، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويو آهي، ڪچن گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي. نارووال، شڪر ڳڙهه ۽ جهلم سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. شڪر ڳڙهه نالي ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، نالي ۾ ڦاٿل 9 هارين ۽ مالوندن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو. ڪاغان ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي آهي. گلگت بلتستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي وهڪرن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي ويو آهي، استور ۾ تيز برساتن سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو آهي. بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو، هرنائي، سبي، بولان، جهل مگسي ۽ نصيرآباد ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون