- Advertisement -
وزيراعظم جي سياسي معاملن جي صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪابه سياسي افراتفري نه آهي، مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۾ آهي.
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي ويجهڙ ۾ لاهور جي دوري تي ردعمل ڏيندي مسلم ليگ نواز اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لاهور ۾ ڪٿي به اهڙي ڪابه صورتحال ناهي ڏٺي وئي جتي هزار يا ٻه هزار ماڻهو روڊن تي نڪتا هجن.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته سهيل آفريد سان رڳو 50 يا 100 ماڻهو هئا، ملڪ ۾ ڪابه سياسي افراتفري موجود نه آهي، سياسي پارٽيون روزاني جي بنياد تي پنهنجو موصف ميڊيا ذريعي پيش ڪنديون رهن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته سياسي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف ڳالهين ۾ آهي، وزيراعظم پي ٽي آءِ کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته شهباز شريف ايتري تائين به چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم هائوس نٿا اچڻ چاهيو ته اسپيڪر آفيس اچو، سمورين ڌرين کي ٽيبل تي ويهڻو پوندو تڏهن ئي مسئلا حل ٿي سگهندا.
وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين ۽ ڊائيلاگ تي يقين نٿو رکي ۽ هن وقت تائين هن ان حوالي سان ڪوبه واضح فيصلو ناهي ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي پيغامن مان به اهو ئي تاثر ملي رهيو آهي ته اهو ڳالهين جو حامي نه آهي پر بيرسٽر گوهر ۽ پي ٽي آءِ جا ڪجهه سينيئر اڳواڻ ڳالهين جي حق ۾ آهن.
هن چيو ته عليمه خان ۽ عظميٰ خان کي ملاقات دوران چيو ويو ته ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه آهي ان بدران اسٽريٽ مهم هلائي وڃي.
راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي چار سالن جي حڪومتي دور ۾ مخالف ڌر سان حال احوال به نه پڇا ڪيو، ان لاءِ هاڻي ڳالهين جي ڳالهه ڪرڻ رڳو دعويٰ آهي.
راڻا ثناءُ الله خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسٽريٽ موومينٽ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها خراب طرح سان ناڪام ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قسم جو ڏڦيڙ ۽ اتفراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته حڪومت ڀرپور ڪارروائي ڪندي.- Advertisement -
