مهانگائي جي شرح ٽن سالن جي گهٽ ترين شرح تي اچي وئي آهي،
عوام کي روزگار ڏيڻ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، حڪومتي قدمن سبب عام واهپي وارين شين جا اگهه گهٽ ٿيا آهن،
وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر ۾ سڌارن تي خاص طور ڌيان ڏئي رهيو آهي، 200 يونٽن تائين جي واهپيدارن کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي: پارليامينٽري ٽاسڪ فورس سربراهه بلال اظهر ڪياني.