تازه ترين

مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ رليف، پئٽرول 6 رپيا 17 پيسا ۽ ڊيزل 10 رپيا سستو

وزيراعظم شهبازشريف مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ وڏو رليف ڏيندي پئٽرول 6 رپيا 17 پيسا ۽ ڊيزل 10 رپيا 86 في لٽر سستو ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهبازشريف جي منظوري بعد ناڻي واري وزارت تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پئٽرول 6 رپيا 17 پيسا ۽ ڊيزل 10 رپيا 86 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

قميتن ۾ لاٿ بعد پئٽرول جو نئون اگهه 269 رپيا43 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 272 رپيا 77 پيسا في لٽر ٿي ويو آهي.

ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي اگهه ۾ 6 رپيا 32 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل 5 رپيا  72 پيسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

گاسليٽ جي نئين قميت 177 رپيا 39 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل 160 رپيا 53 پيسا في لٽر ملندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17 ° C
17 °
17 °
31 %
1kmh
0 %
خميس
18 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °

تازه ترين خبرون